ٿالهين وارو هر

ٿالهين وارو هر

ٿالهين وارو هر

ٿالهين وارو هر (Disc Plough ):هر جو نمونو، جنهن ۾ ٿالهين جھڙا ڳرا ڦيٿا لڳل ٿين ٿا، جيڪي الڳ الڳ هوندا آهن ۽ عام طور هر جي هلڻ وقت هڪ خاص ڪنڊ (35 ڊگرين ۽ 40 ڊگرين جي وچ ۾) ٺاهي ڦرندا آهن ۽ زمين کيڙيندا مٽيءَ کي هڪڙي پاسي ڦٽو ڪندا ويندا آهن. بلڪه ڪي قدر زمين کي ڀوريندا به آهن. هنن ٿالهين جو قطر عام طور 50 کان 80 سينٽي ميٽر (20 کان 30 انچ) هوندو آهي. بعضي هنن ٿالهين سان زمين کرڙڻ وارا پرزا لڳايا ويندا آهن، جيڪي مٿان چڙهيل گپ ۽ مٽيءَ کي کرڙيندا ويندا آهن. اهي ٿالهيون سنهيون سڌيون يا کُٻ سان هونديون آهن. کٻ واريون ٿالهيون سخت زمين ۾ وڌيڪ گھاءُ (چير) ۽ کيڙڪن ٿيون. ٿالهين وارا هر کهري زمين ۾ اونهي کيڙ ۽ تڪڙي پوک لاءِ ڪتب اچن ٿا .


لفظ ٿالهين وارو هرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو